ڪنڌرا جو محلو ٽنڊو علي آباد ٽائون ڪميٽي ۾ هجڻ جي باوجود ڪافي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم ڪافي جاين تي گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا

ڪنڌرا (رپورٽر ) ڪنڌرا جو محلو ٽنڊو علي آباد ٽائون ڪميٽي ۾ هجڻ جي باوجود ڪافي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم ڪافي جاين تي گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا تفصيل موجب ڪنڌرا جي وڏي ۾ وڏي محلي ٽنڊو علي آباد سان انتظاميا جو ماٽيلي ماء وارو سلوڪ برقرار آهي پنجن ڪروڙن جون اسڪيمون ڪاغذي ڪارروائي جي ور چڙهي ويون ڊرنيج ۽ پيور جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو سياسي اثر رسوخ تي بل پاس ڪرائي رقم هڙپ ڪري ويو گندي پاڻي جي نيڪر لاءِ ٺهيل ناليون نيڪر نه هجڻ ڪري گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهي رهيو عام ماڻهن توڙي ٻچن ٻارن جو گذرڻ مشڪل کان مشڪل تر ٿيندو پيو وڃي ٻئي پاسي صفائي وارو عملو پڻ صفائي نه ڪرڻ ڪري گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا هوڏانهن ٽنڊي علي آباد ۾ واٽر سپلا جي مين پائيپ لائين ٽٽي پوڻ ڪري ڪافي پاڻي غريبن جي گهرن۾ ڪاهي پيو پبلڪ هيلٿ روهڙي جي ۽ ڪنڌرا ٽائون انتظاميا کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪيترن ڏينهن جي انتظار ڪرڻ باوجود ڪوئي لڙي نه آيو ۽ پائيپ لائين جو پاڻي مين گهٽين ۽ گھرن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل آهي محلي جا بيوس ماڻهون پنهنجي مدد پاڻ تحت پبلڪ هيلٿ ۽ ٽائون انتظاميا کي پٽ پاراتا ڏيندي گهرن جو پاڻي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن نيڪر نه هجڻ جي ڪري گهٽين ۾ پاڻي بيٺل هجڻ جي ڪري گهٽيون ڍنڍن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن ٽنڊو علي آباد جي محلي دارن ڊي سي سکر کان گهر ڪندي چيو آهي ته جلد نوٽيس وٺي هن محلي جا مسئلا حل ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ ڊي سي سکر جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو جنهن جي ذميواري ڊي سي سکر تي هوندي

Read Previous

18 سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن جون شاديون ڪرائڻ قانونن ڏوھه آھي : ابرار احمد جعفر

Read Next

ڪشمور : تنگواڻي تعلقي ڳوٺ آدم جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار شير محمد جکراڻي ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

Most Popular