ڪشمور : تنگواڻي تعلقي ڳوٺ آدم جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار شير محمد جکراڻي ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد چنہ )ڪشمور ضلعي جي تنگواڻي تعلقي ڳوٺ آدم جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار شير محمد جکراڻي ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو جوابدار مسمات رخسانہ خاتون ۽ مسجد جي پيش امام اصغر علي بمبل کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو وارثن قتل ٿيل عورت جو مڙهه تنگواڻي ڪنڌڪوٽ تعلقن مان عورت جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ڪري ڊي ايڇ او احسان ڏاھاڻي پوسٽ مارٽم لاءِ 80 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي فوتي عورت جو لاش ڪشمور تعلقہ سول اسپتال موڪلي ڇڏيو آهي ڊاڪٽرياڻي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو عورت جو لاش ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊي ايڇ او ڪشمور احسان ڏاھاڻي فون ڪري ٻڌايو ته تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي تي موجود ناهن توهان ڪشمور ۾ عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرايو،ايم ايس اعجاز سومرو، خبر موجب ڪشمور تنگواڻي جي ڳوٺ آدم جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل واري واقعي ۾ مارجي ويل عورت مسمات رخسانہ جکراڻي جي لاش تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقي جي اسپتالن ۾ ڌڪا ٿاٻا کائڻ بعد ڊي ايڇ او ڪشمور احسان ڏاھاڻي 80 ڪلو ميٽر پري ڪشمور اسپتال موڪلي ڇڏيو ڪشمور جي ڊاڪٽرياڻي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڊاڪٽرياڻيون ھجڻ جي باوجود عورت جو مڙهه ڪشمور پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي تعلقن ۾ ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي چور آهن جن کي ڊي ايڇ او ڪشمور جي مڪمل سپورٽ حاصل آهي ڪشمور ۾ صرف مونکان پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي فوتي عورت جو لاش ڪشمور تعلقہ سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي قتل ٿي ويل عورت جي وارثن ڪشمور تعلقہ سول اسپتال ۾ احتجاج ڪندي صحت کاتي جي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي کان نااهل ڊي ايڇ او ڪشمور احسان ڏاھاڻي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،

Read Previous

ڪنڌرا جو محلو ٽنڊو علي آباد ٽائون ڪميٽي ۾ هجڻ جي باوجود ڪافي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم ڪافي جاين تي گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا

Read Next

ڀارت ۾ ڇڪتاڻ وارو سلسلو جاري، دهلي جي وڏي وزير سميت ڪيترائي اڳواڻ نظربند

Most Popular