تلھار ۾ معزورن جو مطالبن جي مڃتا لا۽ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو احتجاجي مظاھرو

تلھار رپورٽ تلھار ۾ معزورن جو مطالبن جي مڃتا لا۽ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو احتجاجي مظاھرو،گونگن ٻوڙن دھل وڃرائي واڳ ڌڻين کي اپيل ڪئي،معزورن جي پنج سيڪڙو ڪوٽا تي پڻ عمل ناھي ٿيو،ڊي سي بدين ننڍ ستل آھي،سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ روزگار لا۽ درخواستون ڪافي سالن کان ڏيندا اچون پر ڪٿان به ڪا اميد ناھي ملي،روزگار نه مليو ته پريس ڪلب آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاء اڳواڻ،،،تفصيل موجب تلھار ۾ معزور گونگن ۽ ٻوڙن عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو دھل وڃرائي ھٿن ۾ ڀينر کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ان سلسلي ۾ متاثر غازي خان لغاري،علي بخش نوتڪاڻي،شاھنواز،اعجاز علي کٽي،اسماعيل،محمد ابراھيم واڍو،غلام رضا خواجه ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڪيترن ئي سالن کان معزوري سبب زندگي ۾ ازيتون ڀوڳي رھيا آھيون ڪٿان کان مدد يا وضيفو پڻ نٿو ملي روزگار نه ھجڻ سبب بيروزگاري ۾ گھرن ۾ گھرڀاتي فاقا ڪاٽڻ تي مجبور بڻجي ويا آھيون ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ تڪ جي ايم اين اي ايم پي اي ۽ ڊي سي بدين کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته اسان معزورن لا۽ معزور ڪوٽا تحت روزگار جو بندوبست ڪرائي ڏنو وڃي يا ته ٽائون ڪاميٽي تلھار مان ڪو وضيفو مقرر ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن فاقا ڪشي مان جان آجي ٿي سگھي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،،،،

Read Previous

مورو شهر جي ملڪ ڪالوني احمد شاهه اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم اسڪول جا معصوم ٻارڙا ۽ محلي واسي ٻٽي عذاب ۾ زندگي گذارڻ لڳا

Read Next

ڪا ضلع دادو جي گڏجاڻي ٿي گذري

Most Popular