لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پاران ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن عرفان شيخ، امجد شيخ، سلطان منگي، اختر سنديلو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته گذريل 12 مهينن کان وٺي اسان کي پگهارون نه ڏنيون ويون آهن، جنهن سبب اسان سميت اسان جا معصوم ٻچڙا فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته پگهارون دير سان ملڻ وارو سلسلو سال 2012ع کان وٺي هلندڙ آهي، پر افسوس ج اسان ملازمن طرف ڪنهن به ڌيان ناهي ڏنو، جنهن جي ڪري اسان سراپا احتجاج بڻيل آهيون. هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي کي ريگيولر بجيٽ نه ٿي ڏني وڃي، جڏهن ته اسان جي اداري کي وزيراعليٰ سنڌ طرفان اسپيشل گرانٽ مان هلايو ٿو وڃي، جيڪا به ڪڏهن جاري ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن جي ڪري اسان کي 12 12 مهينا پگهارن لاءِ انتظار ٿو ڪرڻو پوي، جيڪا سراسر زيادتي آهي. هنن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي پگهارون جاري ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان مجبور ٿي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.

Read Previous

مجيداڻا برادري جي نيڪ مرد بخشڻ مجيداڻو جي قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي

Read Next

خيرپور : آل سنڌ روينيو اتحاد ۽ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي ملازمن آفيسن مان قلم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular