لاڙڪاڻي : رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي لڳ رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٻيو زخمي اسپتال داخل. رپورٽ موجب رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ گل ويسر واسي نوجوان پنهل ويسر ۽ سندس چاچو غلام نبي ويسر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو، جتي زخمي نوجوان پنھل پٽ شير خان ويسر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس زخمي چاچي جو علاج ڊاڪٽرن طرفان هلندڙ آهي. ان موقعي تي حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان پنهل ويسر پنهنجي چاچو غلام نبي ويسر کي موٽرسائيڪل تي کڻي ڪنهن ڪم سان رتوديرو شهر طرف وڃي رهيو هو ته اوچتو رتوديرو روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر کين ٽڪر هنيو، جنهن سبب اهڙو واقعو پيش آيو آهي. هوڏانهن حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائين بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو هو.

Read Previous

نوشهروفيروز اندر جانورن تي مختلف بيمارين جو حملو، ويڪسين نه ٿيڻ ڪري روڊ رستن تي وڏي تعداد ۾ جانور مئل حالت ۾ پيل

Read Next

لاڙڪاڻو :ؒ هيومن رائيٽس ڏينهن جي موقعي تي سماجي تنظيم پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ زندھ آباد آرگنائيزيشن طرفان ڪشميري عوام توڙي پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي

Most Popular