پي ڊي ايم جي جلسن کان حڪومت خوفزده آهي: سيد سڪندر علي شاھ

ڪشمور:رپورٽ اعجاز احمد چنہ پي ڊي ايم جي جلسن کان حڪومت خوفزده آهي: سيد سڪندر علي شاھ قائد جي بيانيي سان مڪمل طور تي متفق آهيون لاهور جلسي جون تياريون ڪري رهيا آهيون خبر موجب: وفاقي حڪومت پي ڊي ايم جي جلسن کان خوفزده آهي. وزيراعظم کي پنهنجي ڪرسي سرڪندي نظر اچي رهي آهي. عوام مهانگائي کان تنگ آهي. پي ڊي ايم جي جلسن کي روڪڻ حڪومتي ناڪامي ۽ ڏاڍ آهي. 2014ع کان هڪ شخص کي عوام جو همدرد ڄاڻائڻ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي ويئي پر پي ڊي ايم جي جلسن کي ملڪ دشمني جهڙن لقبن سان نوازيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان مسلم ليگ ن ضلع ڪشمور جي صدر وڪيل سيد سڪندر علي شاھ، احسان سومرو، راڻا غفار علي ۽ ٻين پريس ڪلب ڪشمور ۾ صحافين کي سياسي سماجي ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان قائد جي بيانيي سان مڪمل طور تي متفق آهيون. لاهور ۾ هر صورت جلسو ڪيو ويندو جيڪڏهن حڪمرانن رڪاوٽون وڌيون ته سڄو پنجاب جلسي گاھ بڻائي ڇڏينداسين. حڪمرانن عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. موجوده هٿرادو آندل حڪومت کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. 13 ڊسمبر جلسو عوامي اڀار آهي. لاهور جلسو حڪومت خلاف عوامي رفرينڊم ثابت ٿيندو.

Read Previous

ڳڙھي خيرو:سماجي تنظيم طرفان 10 ڊسمبر انساني حقوق جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

Read Next

نيوزيلينڊ خلاف پريڪٽس ميچ ۾ شاهين آفريدي ڇهه شڪار ڪري ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو

Most Popular