سنڌ جي وڏي وزير توهين عدالت جي نوٽيس جو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سرڪلر ريلوي ڪيس جي توهين عدالت جي نوٽيس تي پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو. وڏي وزير پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو فزيبلٽي ريڪارڊ 3 مهينن ۾ ٺهيو، وفاق جي سستيءَ باوجود سنڌ حڪومت منصوبي تي تيزيءَ سان ڪم ڪيو، وفاقي حڪومت 2017 ۾ سرڪلر ريلوي ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني. هن ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتي 14 نومبر تي سمري ڪابينا ۾ پيش ڪئي، ڪورونا جو شڪار هئس ان ڪري ڪابينا جي ميٽنگ ملتوي ٿي وئي. مراد علي شاهه جو پنهنجي جواب ۾ اهو به چوڻ هو ته ايف ڊبليو او کي هڪ ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، 9 ڊسمبر تي ايف ڊبليو او کي بقايا 15 ڪروڙ به جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.

Read Previous

وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي، شيخ رشيد گهرو وزير ٿي ويو

Read Next

سنڌ پوليس تي اسان کي فخر آهي: مراد شاهه

Most Popular