سڪرنڊ شهر اندر هڪئي ڏينهن ۾ ڏوهن جو پنج وارداتون ٿيڻ بعد ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنويرحسين تنيو سڪرنڊ ٿاڻي تي پهچي

سڪرنڊ ( رپورٽ) سڪرنڊ شهر اندر هڪئي ڏينهن ۾ ڏوهن جو پنج وارداتون ٿيڻ بعد ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنويرحسين تنيو سڪرنڊ ٿاڻي تي پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪري صحافين کي ٻڌايو ته سڀ کان پهرين ته مونکي همدردي آهي انهن ماڻھن سان جن سان وارداتون ٿيون آهن ان شاء الله جوابدار سگهوئي گرفتار ڪيا ويندا ڇاڪاڻ جو ڪجھ پيرا اسان کي ملي ويا آهن هن ٻڌايو ته سڪرنڊ سميت پوري ضلعي ۾ امن قائم آهي جيڪو صوبي جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي پر ڪجھ ڏينهن کان سڪرنڊ ۾ وياجين ، منشيات فروشن ۽ جوا توڙي فحاشي جا اڏا هلائيندڙن خلاف شروع ڪيل آپريشن جو نتيجو آهي جو ڏوهاري ۽ ڏوهن جا سهولتڪار شهر ۾ وارداتون ڪرائي رهيا آهن ۽ اها ڪا نئين ڳالھ ناهي پوليس کي سدائين چيلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي باقي ڏوهارين جا ساٿاري ٻڌي ڇڏين ته اوهان ڀلا ڪيڏا طاقتور ڇو نه هجو پر امن خراب ڪرڻ ڪنهن کي به نه ڏينداسين تنوير حسين اهو به چيو ته وياجين خلاف عدالتن کي سخت قدم کڻڻ گهرجي ۽ ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي قانون سازي ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ

Read Previous

سجاول : ڳوٺ شاهنواز لغاري ۾ خواجه برادري جي گھرن تي ڪانھن ڪري احتجاجي مظاهرو

Read Next

نوشھروفيروز جي مشھور نعت خوان شاھنواز چنه جي ارڙھين سالگرھ جو ڪيڪ ريشم ۾ ڪاٽيو ويو

Most Popular