گدڙ جي سو ڏينهن جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي جنهن زندگي عطا ڪئي آهي

سڪرنڊ ( رپورٽ اڪبر ملاح) گدڙ جي سو ڏينهن جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي جنهن زندگي عطا ڪئي آهي ان جي حفاظت به هُو پاڻ ڪندو جيڪو پاڪ پروردگار جلشانه دنيا خلقيندڙ آهي جنهن موت کي خود محافظ بنايو آهي زندگيءَ جو ان ڪري مڙس ٿي جيئو ۽ مردانگي ڏيکاري ڀاڙين تي حاوي ٿيو اها ڳالھ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو سڪرنڊ ٿاڻي تي پوليس اهلڪارن کي ليڪچر ڏيندي چئي هن چيو ته پوليس آفيسر ۽ پوليس سپاهي ساڳي وردي پائي ٿو سندن مان ۽ مرتبو به ساڳيو آهي ڪلهن تي ڦول رڳو منسب جا آهن ان ڪري ڪوبه پاڻ کي گهٽ نه سمجهي آئي جي ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سڀ اوهانجا ڀرجهلا آهن پاڻ مان خوف واري فضا ڪڍو ڪنهن به لوفر ، چور ، پاٿاريدار يا ڌاڙيل کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي ڏوهاري ڏوهاري آهي ڀلي ڪهڙي به سگهي ڌر جو هجي يا ڪنهن تنظيم جو کيس ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ پاڻ سڀني جو فرض آهي تنيو صاحب ليڪچر ۾ اهو به چيو ته ان ڳالھ کان به انڪار ناهي ته هڪ عام سپاهي آفيسر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪم ڪري ٿو گرمي توڙي سردي ڏينهن توڙي رات ننڊون ڦٽائي گهر وارن کان پري پنهنجو فرض نڀائي رهيو آهي ايتري ڪوشش جي باوجود پوليس تي ٻه الزام آهن جنهن جو اسان کي ڏک به ٿئي ٿو پر پاڻ کي اهي الزام لاهڻا پوندا هڪ ته پوليس ۾ ڪاريون رڍون به شامل آهن ٻيو ته ڪنهن به ڏوھ جو پوليس کي اڳواٽ اطلاع هوندو آهي ان ڪري اسين انهن ٻنهي الزامن جي مذمت ڪيون ٿا ليڪچر ۾ تعلقي سڪرنڊ جي مختلف ٿاڻن جا جوان شامل هئا جڏھن ته ايس ايڇ او اصغر علي اعواڻ ، سٽي انچارج قربان علي لاکو ۽ وڏو منشي عارف کوسو پڻ موجود هئا

Read Previous

شيرازي گروپ جي سرواڻ سيد اعجاز شاه شيرازي جي ايصال ثواب لاء ڳوٺ خميسو خان پٺاڻ ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي

Read Next

صحافت هڪ مقدس پيشو آهي اسان کي ان جي تقدس ۽ قلم جي ذريعي معاشري جي تعمير ترقي ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو: شفيق احمد ميمڻ

Most Popular