سانگهڙ : ڳوٺ شاھه بيگ مري تعلقو ٽنڊو آدم نوابشاهه جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ شاھه بيگ مري تعلقو ٽنڊو آدم جي رھواسڻ امينه ڌي علي نواز سولنگي ۽ ٽنڊو آدم واسي نوجوان پپو ولد خان محمد سولنگي سان نوابشاهه جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ناري امينه سولنگي پنھنجي مڙس پپو سولنگي سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو ته اسان ٻنھي پنھنجي رضا خوشيءَ سان شادي ڪئي آھي جنھن تان منھنجو اڳوڻو مڙس گلبھار، ڀاءُ رمضان، چاچو نظير سولنگي اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن جن مان اسان کي جان جو خطرو آھي، نوجوان پپو سولنگي چيو ته اسان کي نيازو، در محمد، بچو ماڇي ۽ ٻين مان به جان جو خطرو آھي اھي اسان جي شادي مان خوش ناھن ۽ اسان کي مارڻ چاھين ٿا، جنھن جي ڪري اسان ھن وقت دربدري واري زندگي گذاري رھيا آھيون، ھنن ايس ايس پي سانگهڙ، ڊي جي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

Read Previous

سانگهڙ : نوجوانن جو ا احتجاج بلديه جي خلاف انوکو احتجاج گٽر جي پاڻي ۾ مڇيون پڪڙ سنڌ سرڪار کي ڄاڳي پئي،

Read Next

يوٽرن خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، غريب ماڻھو ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن پر عمران خان جي صحت تي ڪوبه اثر نٿو ٿئي : پ پ اڳواڻ نثار کهڙو

Most Popular