دي ايمپاور فائونڊيشن پاران منزل ريسٽورنٽ ۾ "وڌندڙ بدامني، ڪارڻ ۽ حل” جي عنوان هيٺ سينئر صحافي ۽ اديب محمد صديق منگيو جي صدارت ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

سڪرنڊ روپورٽ اڪبرملاح : دي ايمپاور فائونڊيشن پاران منزل ريسٽورنٽ ۾ "وڌندڙ بدامني، ڪارڻ ۽ حل” جي عنوان هيٺ سينئر صحافي ۽ اديب محمد صديق منگيو جي صدارت ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ىجنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ادبي تنظيمن شرڪت ڪئي. هن موقعي تي محمد صديق منگيو ڳالهائيندي چيو، ته شهر ۾ بدامني ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي وئي آهي. واپارين کان ڦرن سميت موٽر سائيڪلن جي ڦرن جون وارداتون وڌي ويون آهن. هن چيو ته سڪرنڊ ٿاڻي تي سٺي آفيسر کي رهڻ نٿو ڏنو وڃي.ان خلاف ڏوهاري مافيا ۽ ان جا سهولتڪار سرگرم ٿي وڃن ٿا.سڪرنڊ جي ايس ايڇ او اصغر اعواڻ چيو ته ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ ڏوهن جو انگ گهٽ آهي.ان هوندي به تازو ٿيل تڪڙين وارداتن جا ڏوهاري قانون کان بچي نه سگهندا. اسين ڏوهارين جي ويجهو پهتا آهيون. هڪ هفتي اندر کين گرفتار ڪري وٺنداسين.هن چيو ته اسان شهر مان منشيات جي ڪاروبار کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ وياج جي ڌنڌي خلاف به قدم کڻون پيا. هن موقعي تي ٻين اڳواڻن چيو ته هڪ هفتي اندر امن امان جي صورتحال بهتر ڪري وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار نه ڪيو ويو ته گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو.هن موقعي تي مٿين کان سواء محمد مراد خانزاده، خير محمد چنا، راشد مڪرم، علي شير انڙ،رفيق خانزاده،رائو زبير،قربان ڪيريو، نياز لاشاري، محمود مصطفا، حيدر خانزاده ۽ ٻين تقريرون ڪيون.

Read Previous

ڪنڌرا جي ڀرسان ڪنڊڙي شاخ جي قريب ٽمونهن ڪنڌرا روڊ تي ڪار سان موٽر سائيڪل ٽڪرائجي وئي

Read Next

ڪورونا کان هر ڪو ماڻھو پاڻ احتياط ڪري ته جيئن هن موذي مرض کي شڪست ڏئي سگهجي : محمد سليم جتوئي

Most Popular