شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران مذهبي سياسي سماجي اڳواڻ شهيد فدا حسين سولنگي جي اٺين ورسي ايس او پيز تحت امام بارگاهه ياد گار ڪربلا ۾ منعقد ڪئي وئي

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران مذهبي سياسي سماجي اڳواڻ شهيد فدا حسين سولنگي جي اٺين ورسي ايس او پيز تحت امام بارگاهه ياد گار ڪربلا ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن کي خطاب ڪندي شيعه علماءِ ڪائونسل سنڌ جي سينئر نائب صدر علامه سيد اسد اقبال زيدي، ڊويزنل صدر زوار محمد حسين چانڊيو، ضلعي صدر مولانا ڪفايت حسين ڪريمي ۽ ٻين چيو ته فدا حسين سولنگي جون مذهبي توڙي سماجي خدمتون صدين تائين ياد رهنديون ۽ هي سماجي ڪمن ۾ سڀني کان اڳرو هوندو هو پنهنجا ذاتي ڪم ڪار ڇڏي سدائين غريب مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جي ڪمن ڪارن ۾ نظر ايندو هو هنن چيو ته اٺ سال گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين شهيد فدا حسين سولنگي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جيڪا هتان جي انتظاميه جي وڏي نا اهلي آهي هنن چيو ته موجوده نظام ڪنهن به مظلوم کي انصاف نٿو ڏئي سگهي بي پهچ ماڻهن جي ڪو به سنڀال ڪرڻ وارو نه آهي بيگناهه ۽ بي قصور شهيد ٿي ويل فدا حسين سولنگي جي قاتلن کي رب تعاليٰ طرفان ضرور سزا ملندي هنن اعليٰ حڪام کان مطالبو ڪيو ته شهيد جي قتل جي تحقيقات ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ بيگناهه خون سان انصاف ڪيو وڃي آخر ۾ قرآن خواني ڪئي وئي ۽ مومنين ۾ نياز تقسيم ڪيو ويو.

Read Previous

ايس ٽي پي پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ، الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

شيعہ علماء ڪائونسل پاڪستان صوبہ سنڌ جي صوبائي ڪابينا جي عهدارن جو هڪ اهم اجلاس صوبائي صدر سنڌ علامہ سيد ناظرعباس تقوي جي صدارت هيٺ جهانيا هائوس ۾ ٿي گذريو

Most Popular