ڳڙھي خيرو جو دورو مختلف برادرين پاران پيپلز ھاري ڪميٽي ۾ شموليت جو اعلان

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:رپورٽر:اسدالله لغاري) پاڪستان پيپلز ھاري ڪميٽي جي ڊويزنل صدر ديدار خان جکراڻي ۽ ضلع صدر مزمل حسين بنگلاڻي جو 27 ڊسمبر جي حوالي سان ڳڙھي خيرو جو دورو مختلف برادرين پاران پيپلز ھاري ڪميٽي ۾ شموليت جو اعلان، تفصيل موجب،پاڪستان پيپلز ھاري ڪميٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر ديدار خان جکراڻي ۽ ضلعي صدر مزمل حسين بنگلاڻي ڳڙھي خيرو جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي قيادت تي اعتماد ڪندي ڊويزن صدر ديدار خان جکراڻي، ضلع صدر مزمل حسين بنگلاڻي، ڊويزنل ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ارشاد احمد بروهي، تعلقه صدر حسين بخش جمالي، ۽ جرنل سيڪريٽري يوسف رئيساڻي جي موجودگي ۾ ڳوٺ ميهر ڀٽي جي حاجي ڪرم الله ڀٽي لعل محمد ڀٽي پنهنجي برادري سميت جڏهن ته ڳوٺ الله بخش ڀٽي جي حاجي خادم حسين ڀٽي پنهنجي برادري سميت پيپلز ھاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي ان موقعي تي ايس ٽي پي جي سرگرم ڪارڪن ضمير حسين ڀٽو ايس ٽي پي ڇڏي پيپلز ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ڪارڪنن يوسف رئيساڻي سان چاچي ھيبت خان ۽ محمد يونس گھلو سان والد علي گوهر جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي جنهن کان بعد ڳڙھي خيرو پريس ڪلب تي صحافين سان ڳاله ٻوله ڪندي ڊويزن صدر ديدار خان جکراڻي ضلع صدر مزمل حسين بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جمهوريت جي بقاء لاء هر موڙ تي قربانيون ڏنيون آھن, پيپلز پارٽي جي تاريخ رهي آھي ته جڏهن به پيپلز پارٽي کي اقتدار مليو آھي ته ان ۾ ڀٽو خاندان قرباني ڏني آھي, جڏھن هي عمران خان جو اقتدار سليڪٽ ڪيو ويو آهي ته عمران خان جي ڪهڙي قرباني ڏني آھي ۽ ھو عوام کي رليف ڏيڻ بجاء ملڪ جي معيشت کي تباه ڪري مهنگائي ڪئي آھي جنهن بعد هاڻي عوام پي ڊي ايم سان گڏ ٿي ڪري عمران خان جي تڏا ويڙھ ڪندي. ان موقعي تي ممتاز علي سڀايو شڪيل احمد نوناري ارشاد علي لاشاري آصف گھلو غلام محمد راهوجو گل حسن لاشاري ۽ ٻيا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.

Read Previous

شيعہ علماء ڪائونسل پاڪستان صوبہ سنڌ جي صوبائي ڪابينا جي عهدارن جو هڪ اهم اجلاس صوبائي صدر سنڌ علامہ سيد ناظرعباس تقوي جي صدارت هيٺ جهانيا هائوس ۾ ٿي گذريو

Read Next

قاضي احمد : هڪ مهينو اڳ قاضي احمد ۾ سوشل ميڊيا تي فيڪ آءِ ڊي واري مامري تان ٻگهيا ۽ گبول برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نبيري لاء ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل جرڳي تي عمل نه ٿي سگهيو

Most Popular