چونڊيل عهديدارن جي تعاون سان لاڙڪاڻي ڊويزن کان پوء حيدرآباد ڊويزن ۾ پڻ بنا مقابلي سوڀ عطا ڪئي آهي پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو چيو آهي ته الله جا لک لک شڪر ۽ استادن جي دعائن ۽ چونڊيل عهديدارن جي تعاون سان لاڙڪاڻي ڊويزن کان پوء حيدرآباد ڊويزن ۾ پڻ بنا مقابلي سوڀ عطا ڪئي آهي ميرپورخاص ، ڪراچي ۽ بينظير آباد ڊويزنن ۾ به مقابلو ڪنداسين اها پ ٽ الف جي جمهوريت جو حسن آهي ته ميدان ۾ مقابلو ڪري سوڀارو ٿينداسين،استادن منهنجي بيماري جي بستر تي هئڻ باوجود جيڪا عزت ڏني آهي ۽ سموري سنڌ ۾ مقابلا ڪيا ان لاء سندس شڪرگذار آهيان مون اڳ به واضح ڪيو آهي ته جن دوستن ساٿ نڀايو انهن جو شڪر گذار آهيان جن ساٿ ڇڏي ڏنو ان جي لاء هميشه دعاگو رهندس، وقت جو آواز آهي ته اسين پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪريون لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ دوستن ساٿ نڀايو ،حيدرآباد جي دوستن تاريخ کي ورجايو ته اسين استادن جي حقن جي حاصلات لاء هڪ آهيون هڪ رهنداسين، انا غرور تڪبر جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي منهنجي دوستن جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي هنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا ڪجهه دوستن کي فيس بڪي پهلوان ڪوٺائي انهن جو مذاق اڏايو ويو، الله جي لٺ بي آواز آهي هاڻوڪي اليڪشن ۾ استادن غرور کي خاڪ ۾ ملايو ۽ حق نروار ڪري ڏيکاريوسين هميشه استادن جي حقن جي حفاظت ڪندا رهنداسين. لاڙڪاڻو ، حيدرآباد ڊويزن ۾ بنا مقابلي ڪاميابي ان ڳالهه جو کليل دليل آهي ته استادن جو اسان تي اعتماد آهي اهو سبب هو ته ڪجهه دوست گڏيل اليڪشن کان بار بار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، ڪجهه اهڙا نالا آهن جيڪي استادن جي تاريخ جا هيروز آهن جن ڪيترن ئي رڪاوٽن باوجود گڏيل اليڪشن ڪرائي ڏيکاري گڏيل اليڪشن جو سڄو ڪريڊٽ انهن هيروز ڏانهن ٿو وڃي. حق جو آواز چانڊوڪي وانگر چمڪي رهيو آهي ڪوڙ جي اونداهه ڇٽي ناس ٿي وئي آهي هاڻ اسان کي استادن جي حقن لاء وڙهڻو آهي جنهن لاء تيار آهيون ته استادن جي حق ڇني وٺبا اسان جو منشور استاد کي عزت ڏيو اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ استادن کي عزت ڏني وئي ڊرائينگ روم جي سياست ختم ڪري استاد جي ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرايو آهي هاڻ گڏجي سنڌ جي تعليم لاء پڻ جاکوڙ ڪنداسين.

Read Previous

لاڙڪاڻو: ايڪو پاڪستان جي هيڊ برنارڊ جسپرس ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي آءِ ايڇ ايس ۽ پي پي پي ايڇ آءِ سينٽرن جو دورو

Read Next

لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهر

Most Popular