اداڪاري کانپوءِ يمنيٰ زيدي ڳائڻ به شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره يمنيٰ زيدي پنهنجي بهترين اداڪاري کانپوءِ هاڻ مداحن کي گلوڪاري سان پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي. تازو ئي سوشل ميڊيا تي اداڪاره يمنيٰ زيدي جي هو وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هوءَ جيو انٽرٽينمينٽ جو مشهور ڊرامو”راز الفت“ جو ٽائٽل ٽريڪ جهونگاري رهي آهي. اداڪاره يمنيٰ زيدي مشڪ جو ڪردار ادا ڪري جتي مداحن جي دلين ۾ گهر ٺاهيو ته اتي هاڻ ان جي آواز ۾ ڊرامي جو ٽائٽل ٽريڪ مداحن کي وڻي ويو. ياد رهي ته ”راز الفت“ ۾ اداڪاره يمنيٰ زيدي اداڪار شهزاد شيخ سان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته هن ڊرامي جو ٽائٽل ٽريڪ گلوڪاره آئمه بيگ ڳايو آهي.

Read Previous

افغانستان جي ضلعي گيلان ۾ بم ڌماڪو، پنڌرهن ڄڻا اجل جو شڪار

Read Next

وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي بابت اجلاس طلب ڪري ورتو

Most Popular