سجاول جو درجو رکندڙ شھر سجاول جي تعلقه اسپتال جون ايمبولنسون خراب پيل ھڪ سال گذڙي ويو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)ضلعي سجاول جو درجو رکندڙ شھر سجاول جي تعلقه اسپتال جون ايمبولنسون خراب پيل ھڪ سال گذڙي ويو پر ايمبولنس جي مرمت نه ٿي ماڻھو پنھنجن پيارن جا لاش چنگچي رڪشا ۽سوزڪي ۾ کڻن لڳا.انتظاميه بجٽ ھڙپ ڪرڻ ۾ مصروف نوٽس جو مطالبو. خبرموجب:ضلعي سجاول جو درجو رکندڙ سجاول شھر جي تعلقه اسپتال به کنڊرات ۾ تبديل ٿي وئي.تعلقه اسپتال سجاول جون ايمبولنسون گذڙيل ھڪ سال کان خراب ٿي ويون آھن.ايمبولنسون خراب ھئڻ ڪري ماڻھن پنھنجي پيارن جا جنازا چنگچي رڪشا ۽ ايمبولنس ۾ کڻڻ تي مجبور ٿي ويا آھن.ھلندڙ ھڪ ايمبولنس شوپيس ۾ پيل آھن جيڪي ڊاڪٽرن کي گھر کان کڻي اسپتال ايندي آھي.سجاول جي شھرين جنھن تي سخت ڪاور جو اظھار ڪندي چيو آھي ته شھر سجاول ضلعي جو درجو رکي ٿو ان جون ست ايمبولنس خراب پيل آھن.پر اڃا تائين انھن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي.ان ايمبولنس خراب ٿيڻ کانپوء وزيرصحت سميت ٻين اسپتالن جا دوره ڪيا آھن.پر انھن به اک نه پٽي آھي ھنن چيو ته ايندڙ ماھوار بجٽ ھڙپ ڪئي وڃي.ھنن نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو آھي ته انھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.۽ اسپتال جون خراب پيل ايمبولنسن جي مرمت ڪرائي وڃي.

Read Previous

نوشهروفيروز: پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان عدالتي حڪم تي بازياب، نوجوان جي وارثن جو پوليس جي زيادتين ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج

Read Next

سجاول:ايس ايس پي سجاول الطاف حسين پاران ڪرسمس ڏينھن جي حوالي سان مسيح برادري سان سيڪورٽي جي حوالي سان اجلاس ڪيو ويو

Most Popular