نوابشاهه : اٺھٺ موري پريس ڪلب جي صدر غلام سرور خاصخيلي کي صحافت ۾ ڪيل خدمتن تي اڳوڻي يوسي چيئرمين فقير رجب علي رند طرفان مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو مڃتا ايوارڊ تقريب

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) اٺھٺ موري پريس ڪلب جي صدر غلام سرور خاصخيلي کي صحافت ۾ ڪيل خدمتن تي اڳوڻي يوسي چيئرمين فقير رجب علي رند طرفان مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو مڃتا ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي نوابشاھ پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي چيو ته واقعي ھن دور ۾ صحافت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي ويو آهي صحافت ۾ ڪم ڪرڻ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناھي اٺھٺ موري پريس ڪلب جي صدر غلام سرور خاصخيلي کي صحافت ۾ ڪيل خدمتن تي ھي جيڪو ايوارڊ ڏنو پيو وڃي اھو سوني تاج کان به وڌيڪ اھميت رکي ٿو غلام سرور خاصخيلي ھڪ دلير صحافي آهي سندس قلم غريب مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن لاء لکيو اٿس ايوارڊ ڏيڻ واري مڃتا تقريب کي استاد لياقت بروھي خطاب ڪندي چيو ته غلام سرور خاصخيلي سچو ۽ کرو صحافي آهي غلام سرور خاصخيلي پنهنجي قلم سان خوب لکيو آهي ھتان جي غريب مسڪين ماڻهن جو ڏک درد لکي اعلا ايوانن تائين پھچايو آهي ۽ غريبن مسڪينن کي انصاف مليو آهي تقريب کي خطاب ڪندي فقير رجب علي رند چيو ته اٺھٺ موري پريس ڪلب جو صدر غلام سرور خاصخيلي تمام محنتي ۽ جاکوڙي صحافي ھتان جي ڪافي مسئلن تي لکيو اٿس آئون غلام سرور خاصخيلي کي صحافت جي پھرين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تان ڏسندو آھيان تمام بھترين ۽ سٺيون لکڻيون اٿس سندس قلم ھتان جي غريب مسڪينن ۽ پورھيتن جي لاء لکيو اٿس ۽ ڪيترن ئي مسڪينن جو آواز بڻيو آهي منهنجي دل چيو ته غريبن مسڪينن جي لاء لکندڙ ھن سچي ۽ کري ماڻهو لاء ايوارڊ تقريب ڪوٺائي وڃي صحافي غلام سرور خاصخيلي کي ايوارڊ ڏنو وڃي ھي دلير صحافي ھميشه غريبن مسڪينن جي لاء ڇپر ڇانون آهي اسان کي اھڙن قلمڪارن تي فخر آهي جيڪي ماڻهو پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي انهن غريبن جو ڏک درد لکن ٿا ۽ ھر وقت پاڻ کي نشاني تي رکن ٿا غلام سرور خاصخيلي ھر وقت اسان کي علائقي جي مسئلن تي لکندي نظر اچي ٿو اسان کيس اڄ مبارڪون ڏيون ٿا تقريب کي ھاري ويلفيئر ايسو سي ايشن جي اڳواڻ اڪرم خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته غلام سرور خاصخيلي جي قلم ھميشه ڪرپٽ ماڻهن خلاف لکيو آهي ۽ غريبن جو آواز بڻيو آهي صحافت ۾ ڪيل خدمتن تي دوستن پاران جيڪو ايوارڊ ڏنو پيو وڃي اسان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي ۽ اھڙن مور ماڻهن جي لاء اھڙا پروگرام ٿيڻ کپن آخر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محفل جي مور اٺھٺ موري پريس ڪلب جي صدر غلام سرور خاصخيلي چيو ته مون پنهنجي قلم سان صحافت جي پھرين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين غريبن مسڪينن جو ڏک درد لکي سندن آواز اعلا ايوانن تائين پھچايو آهي ۽ ھتان جي علائقي جي مسئلن تي خوب لکيو آهي اھي صحت جا مسئلا ھجن تعليم جا مسئلا ھجن پاڻي کوٽ جا مسئلا ھجن غريبن مسڪينن پورھيتن جا احتجاج ھجن انهن سڀني مسئلن تي مون ڪافي لکيو آهي جنهن جي عيوض اڄ توھان سڀني دوستن جي سامھون مون ناچيز ادنا انسان کي صحافت ۾ ڪيل خدمتن تي مون کي اڄ ھي جيڪو ايوارڊ ڏنو پيو وڃي يقين ڄاڻيو منھنجي لاء وڏي خوشي جي ڳالھ آهي مون کي صحافت ۾ پھرين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ڏک ڏولاوا ڏسڻا پيا اھي اڄ منھنجا سڀ ڏک درد لھي ويا آهن اڄ ھي جيڪو ايوارڊ ڏنو ويو آهي آئون ان شخصيت فقير طبيعت سان تعلق رکندڙ رئيس رجب علي رند جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن مون کي ايوارڊ سان نوازي رھيو آهي مون پنهنجي قلم سان ھميشا حق سچ لکيو آهي اڄ منهنجو ضمير مطمعين آهي ۽ مون کي مڃتا ايوارڊ ڏنو پيو وڃي مون جيڪو غريبن مسڪينن جو ڏک درد لکيو آهي اڄ انهن غريبن مسڪينن ۽ پورھيتن جون مون کي دعائون آهن جنهن جي عيوض مون کي صحافت ۾ ڪيل خدمتن تي ايوارڊ ڏنو پيو وڃي تقريب ۾ رئيس رجب علي رند وڏيرو حضور بخش بروھي استاد لياقت بروھي انجنيئر اياز احمد جمالي ڄام صاحب پريس ڪلب جو صدر سيد شاھ محمد شاھ کڏڙي جو سينئر صحافي اختر ماري اڪرم خاصخيلي سرھاڙي پريس ڪلب جو سينئر صحافي اسحاق کوسو گپچاڻي پريس ڪلب جو صدر عنايت بروھي صحافي نزاڪت گپچاڻي ڄام صاحب جو سينئر صحافي محمد ھاشم شر بشير احمد شر غلام شبير شر يار محمد بروھي قاضي احمد جو سينئر صحافي الله رکيو سيال صحافي اڪرم چانڍيو ڪامريڊ علي جان رند سٺ ميل مان سينئر صحافي اصغر بابو رند فرزند علي انڙ حاڪم علي لنڊ اظھار مري دوڙ مان سينئر صحافي محمد رمضان واسواڻو بابر وساڻ علي خادم حسين پنھور سڪرنڊ مان علي بھار ملاح محمد امين خاصخيلي استاد فيض محمد خاصخيلي سومر خان بروھي محرم خاصخيلي رستم علي خاصخيلي ٻانڌي مان محمد عرس خاصخيلي ٽي چڪ مان پنھل ٽالاڻي غلام سرور بروھي سجاول خاصخيلي مشتاق علي خاصخيلي عبدالطيف خاصخيلي محمد شريف خاصخيلي رئيس عبدالرزاق رند عبدالڪريم رند ميوو خان چانڍيو صحافي سڪندر علي لطفي علي حسن خاصخيلي علي حيدر خاصخيلي سھراب خاصخيلي اٺھٺ موري جا سينئر صحافي مولانا رضا محمد مينگل جنرل سيڪريٽري قادر بخش بروھي علي حسن بروھي محمد لقمان پنھور وقار احمد مغل ياسين خاصخيلي عبدالڪريم رند عجب گل خاصخيلي سينگار زنگيچو شھزاد علي خاصخيلي بلاول خاصخيلي سميت مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ صحافين قلم ڪارن اديبن شاعرن ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ آيل مھمانن صحافي غلام سرور خاصخيلي کي سنڌ جي سوکڙي سوکڙي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تعفا ڏنا ويا ۽ گلن جا ھار پارايا ويا آخر ۾ مڃتا ايوارڊ تقريب ۾ آيل مھمانن کي صحافي غلام سرور خاصخيلي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تعفا ڏنا

Read Previous

سکر ۾ ايف آئي اي سائبر ونگ جو احساس ڪفالت پروگرام ۾ جعل سازي ذريعي پئسا ڪنڌندڙ چار ڄڻا گرفتار۔ڪيس داخل لاڪ اپ حوالي

Read Next

مٽياري : نوجوان ناري پسند جو پرڻو ڪندڙ الميناز شيخ ۽ ارشد شيخ تحفظ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو

Most Popular