حنا خواجه ڌيءَ جي شادي تي پنهنجي رقص جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي

لاهور:   پاڪستان  شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪاره حنا خواجه پنهنجي ڌيءَ جي شادي ۾ پنهنجي زبردست ڊانس جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي آهي. زندگي گلزار هي، متاع جان ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾  بهترين اداڪاري ڪندڙ اداڪاره حنا بايات انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو(ڊولا ري) گيت تي رقص ڪري رهي آهي.  هن وڊيو شيئر ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيپشن ۾ بڌايو ته زندگي جو سڀني کان انمول لمحو اهو هوندو آهي جڏهن اوهان جي ڌيءَ جي شادي ٿي رهي هجي ۽ هو پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ لاءِ ويندي هجي. حنا خواجه ان موقعي تي پنهنجي ڌيءَ کي دعائون ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي ايندڙ زندگي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. اداڪاره جي ڊانس جي وڊيو کي ان جي چاهيندڙن سان گڏوگڏ شوبز انڊسٽري جي فنڪارن طرفان به ڪافي پسند ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

پنجاب جي سرڪاري استادن بني گالا آڏو هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

افغانستان ۾ آمريڪي هوائي اڏي مٿان ڏهه راڪيٽ فائر ڪيا ويا

Most Popular