قاضي احمد: سکپور جاگير جي 1800 ايراضي ايڪڙ زمين مان 1500 ايراضي ايڪڙ زمين تي مڪمل طور بااثر ماڻھن جو قبضا برقرار

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ۽ سڪرنڊ تعلقن ۾ 58 ھزار ايڪڙ ايراضي تي پکيڙ رکندڙ 11 سرڪاري ٻيلن ڪيٽي جڙيو ،پئي ،محراب پور ،لاکاٽ ،مڏ ناصري ،ڇتن شاھ،لاکا جاگير ،ٺٽ جاگير,ترڇي ,سکپور ۽ ڪوٽ ڌڱاڻو سميت سمورن ٻيلن جي سرڪاري انگن اکرن موجب 8000 ايراضي ايڪڙ سرڪاري زمين تي بااثر ڌرين جا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توڙي سنڌ ھاء ڪورٽ بيئچ سکر جي ٻيلن جي زمين تان فوري طور قبضا ختم ڪراڻ واري حڪمن باوجود قبضا برقرار آھن جڏھن ذريعن وٽان ورتل معلومات موجب سمورين ڪارواين جي دعوائن باوجود هن وقت به 33450ايراضي ايڪڙ زمين تي بااثر طاقتور ڌرين جا مبيناطور قبضا برقرار آھن ٻيلي کاتي نواب شاھ جي ڪامورن پاران مختلف سرڪاري ٻيلن جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ واري دعوا غلط ثابت ٿي آھي ورتل معلومات موجب سنڌو درياءُ جي ڪنڌي تي ماضي ۾ سونهن جي علامت بڻيل مذڪوره ٻيلن مان مقامي بااثر وڏيرن توڙي حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙ ماڻھن تازو ئي پوکيل ٻيلن جي ووڻن جي غير قانوني واڍي ڪرائي زمين تي مبينا قبضا ڪري ڪڻڪ ,سرنهن ,ڄڻا ,مٽر ,بصر سميت ٻيا فصل پوکي ڇڏيا آھن

Read Previous

ميھڙرپورٽر : حق فائونڊيشن جي چيئرمين سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي باني صدر،سماجي اڳواڻ حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جي ٻي ورسي ميھڙ ۾ ملھائي وئي

Read Next

مٽياري : ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون مٽياري فاروق احمد لغاري ضلعي ۾ پي پي ايل ۽ ٻين ڪمپنين پاران تعلقي مٽياري جي ڳوٺ سونو خان خشڪ ، صالح منڱريو ۽ بچل ڏيٿا ۾ تعمير ٿيندڙ نئين واٽرفلٽرپلانٽس جو تفصيلي دورو ڪيو

Most Popular