تعلقه اسپتال بهتري ڪميٽي سڪرنڊ پاران شهرين جي وڏي تعداد سان گڏ اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي

سڪرنڊ ( رپورٽ : اڪبرملاح ) تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ دوائن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪالھ سڪرنڊ شھر جي مُک بازارن مان جهولي فنڊ ڪرڻ واري انوکي احتجاج بعد اڄ تعلقه اسپتال بهتري ڪميٽي سڪرنڊ پاران شهرين جي وڏي تعداد سان گڏ اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي . ڪئمپ تي موجود بهتري ڪميٽي جي چيئرمين صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو ، خير محمد چنا ، رضا محمد چانڊيو ، علي شير انڙ ، محمود مصظفٰى مگسي ، نياز لاشاري چيو ته سنڌ حڪومت ، هيلٿ منسٽر ، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ۽ IHS پنهنجيون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيا آهن ، جيڪا سندن نا اهليءَ کي ظاهر ڪري ٿي . هنن چيو ته جهولي فنڊ مستقل حل نه آهي پر غريب ۽ بي پهچ مريضن جي وقتي سهائتا سان گڏ ذميدارن جي منهن تي چماٽ ضرور آهي . هنن چيو ته بهتري ڪميٽي جي سڏ تي ڪيل احتجاج جو نتيجو آهي جو IHS 1500000 پندره لک روپين جون دوائون تعلقه اسپتال کي مهيا ڪري ڇڏيون آهن . بهتري ڪميٽي جي اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏھن اسپتال کي هر مهيني وقت تي دوائون مهيا نه ڪيون ويون ته احتجاج جو عمل جاري رکيو ويندو . ان موقعي IHS مئنيجر چوڌري نثار چيو ته گورنمينٽ طرفان وقت تي بجيٽ جاري نه ٿيڻ سبب دوائن جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي پر ڪوشش ڪنداسين ته آئينده اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي . هن اسپتال بهتري ڪميٽي جي بي لوث خدمتن کي پڻ ساراهيو . احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ تي مٿين اڳواڻن کانسواء مجيد عباسي ، عبد القادر جيلاني ، عبدالرشيد پرهياڙ ، شهمير جمالي ، اعجاز ڪيريو ، الياس جوڻيجو ، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻيا سياسي ، سماجي اڳواڻ موجود هئا .

Read Previous

سنڌ جي شاگردن کان ورتل ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ وڏو فراڊ ڪيو ويو آھي: مولانا نعيم الله لغاري

Read Next

نيو ڪراچي ۾ فيڪٽري اندر ڌماڪو، 6 ڄڻو شهيد ، 10 زخمي

Most Popular