مٽياري : پ ٽ الف جي اليڪشن ڌانڌلين خلاف مٽياري جي استادن جو احتجاج اليڪشن ڪميٽي چيئرمين تي ڌمڪين جا الزام

مٽياري . رپورٽ .پ ٽ الف جي اليڪشن ڌانڌلين خلاف مٽياري جي استادن جو احتجاج اليڪشن ڪميٽي چيئرمين تي ڌمڪين جا الزام .تفصيل موجب پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف پاران حاليه اليڪشن ۾ بدترين ۽ ڌانڌلين ۽ بدعنوانين خلاف مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي انارالدين شاھ . بشير احمد کتري . اڪرم آخوند . غلام مرتضا ميمڻ . رفيق ڀنڀرو ڪري رهيا هئا مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جڏهن کان پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ انارالدين شاھ مرڪزي اليڪشن چيئرمين خلاف اليڪشن دوران ان جي ڪيل بدعنوانين ۽ خرد برد کي وائکو ڪيو آ تڏهن کان پ ٽ الف اڳواڻ انارالدين شاھ کي ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون آهن انهن موتمار ڌمڪين جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته پ ٽ الف اليڪشن ۾ ڌانڌلين فنڊن ۾ گهوٻين ۽ موتمار ڌمڪين جو فوري تدارڪ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ان کان سواء اڳواڻن جو چوڻ هو ته تعليم جي بهتري لاء اسڪولن جي مرمت فرنيچر جي فراهمي کان سواء تعليمي ماحول بحال ڪرڻ لاء ڪوششون ورتيون وڃن اڳواڻن جو چوڻ هو ته استادن کي ڌمڪائي حيسائي انهن جو توجه هٽائي اليڪشن دوران حاصل ڪيل ڪروڙين رپين جي فنڊن کي هڙپ ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اليڪشن دوران حاصل ڪيل فنڊ استادن جي بهتري لاء استعمال ٿيڻ گهرجن اڳواڻ چيو ته اسان جي مطالبن تي سنجيدگي سان نه ويچاريو ويو ته اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسين

Read Previous

نالو وڏو شهر سڃو

Read Next

نوشھروفيروز : پريم ننگر ڪالوني جي رهواسين پاران قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Most Popular