ڪشمير ۾ پهرين ڪرڪيٽ ليگ ڪرائڻ جون تياريون مڪمل

ڪراچي: هاڻ ڪشمير جي وادي ۾ ڪرڪيٽ جا ستارا چمڪندا جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ايندڙ سال اپريل ۾ آزاد ڪشمير جي پهرين ڪرڪيٽ ليگ ۾ 6 ٽيمون ميرپور ۽ مظفرآباد جي ميدانن ۾ ايڪشن ۾ نظر اينديون. ڪشمير ليگ جي افتتاحي تقريب گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ۽ ڪشمير ڪاميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي به شريڪ ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته ڪشمير پريميئر ليگ سان دنيا کي خبر پئجي ويندي ته ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ ڪهڙيون حالتون آهن ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪهڙيون حالتون آهن، اتي گهٽيون به بند آهن ۽ هتي ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي. ڪشمير ڪاميٽي جي سربراهه شهريار آفريدي چيو ته پي ايل ۾ پوري دنيا جا سمورا ڪرڪيٽر شريڪ ٿيندا جنهن سان پوري دنيا ڏي پيغام ويندو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪيترو ٽيلينٽ آهي. شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته راندين ۽ ثقافت جي ذريعي پوري دنيا ۾ ڪشمير جو پيغام ڏنو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو: آپڪا پاپوليشن جي سڏ تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي عورت توڙي مرد ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

ايران آمريڪا کان اهم منظوري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

Most Popular