”ڪالهه بينظير ڀٽو کي حقيقي معنيٰ ۾ ماريو ويو“

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي جي موقعي تي سياسي دشمنن کي گهرائي سياسي ميدان سجايو ويو، اسان جو خيال آهي ته ڪالهه بينظير ڀٽو کي حقيقي معنيٰ ۾ ماريو ويو. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته جيڪو سياسي پارٽيون بينظير ۽ سندس پيءُ لاءِ اذيت جو سبب بڻيون، اهي اڄ انهن سان گڏ آهن، اپوزيشن جمهوري طريقي سان چونڊيل حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ چاهي ٿي. وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته مريم نواز جي جمهوريت لاءِ قابليت ٻڙي آهي، جيڪا ماڻهو مريم نواز جي پويان هٿ ٻڌي بيٺا آهن، ڇا اهي ڄاوا ئي غلام آهن. هن چيو اهي چون ٿا ته پاشا صاحب پاڪستان جو ڪچرو گڏ ڪري تحريڪ انصاف ٺاهي، اهو ٻڌائڻ وساري ويٺا ته ضياءُ الحق کين سياست ۾ آندو، سلام آهي انهن عدالتن کي، جن پرويز مشرف کي سزا ڏني، پوءِ انهن عدالتن کي سلام ناهي، جن توهان جي پيءُ ۽ توهان کي سزا ڏني ۽ توهان جي سڄي خاندان کي مفرور قرار ڏنو. سندس موجب چيو ويو ته عمران خان فوج پويان لِڪي ويندو آهي، اڄ آرمي چيف کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي، جيتوڻيڪ توهان پاڻ ان کي مقرر ڪيو هو. فواد چوڌري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ن ليگ اڳواڻن کي گهرائڻ پ پ لاءِ شرمناڪ ۽ ن ليگ لاءِ عبرت جو مقام آهي، 80 جي ڏهاڪي ۾ مارشل لا تي مٺائي ورهائيندڙن ۾ ن ليگ اڳڀري هئي ۽ جڏهن ذوالفقار ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي، تڏهن به ن ليگ مٺائي ورهائي رهي هئي. هن چيو ته ن ليگ پنجاب ۾ جاڳ پنجابي جاڳ چوندي آهي، سنڌ ۾ بينظير سان گڏ نظر ايندي آهي، فوج سان گڏ هوندا آهن ته پنهنجي وفاداري ظاهر ڪندا آهن ۽ جڏهن ڀارت ۾ هوندا آهن ته چوندا آهن سڄي خرابي فوج سبب آهي، سانڊو به ايڏي تيزي سان رنگ ناهي مَٽائيندو، جيئن ن ليگ قيادت پنهنجو رنگ مَٽائيندي آهي.

Read Previous

ڏَسي ڏس هنگلاج جو، پاڻ ويو گوبچند وٽ

Read Next

شادي جي پهرين سالگره تي اقراءِ عزيز ياسر حسين جي لاءِ ڇا چيو؟

Most Popular