سعودي عرب برطانيه سان سفري پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي

رياض: :   سعودي عرب برطانيه سان سفري پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. عرب ميڊيا موجب برطانيه سان زميني، هوائي ۽ سامونڊي رابطا وڌيڪ هڪ هفتي جي لاءِ معطل رهندا. عرب ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پابندين ۾ واڌ نئين قسم جي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي هئي البته سعودي عرب مان پرڏيهين کي وڃڻ جي اجازت  هوندي.

Read Previous

شادي جي پهرين سالگره تي اقراءِ عزيز ياسر حسين جي لاءِ ڇا چيو؟

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 1 ڏينهن دوران 55 فوتگيون، 1974 ڪيس رپورٽ

Most Popular