مٽياري : استادن پاران لاڙڪاڻي رليو ڪيل ماسترن جي حق ۾ احتجاج ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نعريبازي

مٽياري . رپورٽ . مٽياري جي استادن پاران لاڙڪاڻي رليو ڪيل ماسترن جي حق ۾ احتجاج ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نعريبازي
تنظيم کي ٽوڙڻ لاء استادن خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن سخت احتجاج ڪنداسين . سيد انارالدين شاھ
تفصيل موجب پرائمري ٽيچرز ايسوسئيشن ( پ ٽ الف ) پاران پ ٽ الف اڳواڻ بشير احمد کتري . غلام مرتضا غيور . اڪرم رضا آخوند ۽ خادم حسين ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شديد نعريبازي ڪئي استاد اڳواڻ جو چوڻ هو ته انور علي ڀٽو . اشفاق ڌامراھ . اسلم ديدڙ . ارشد تنيو ۽ بخشل ڀٽو کي ڪراچي رليو ڪرڻ جو استاد دشمن فيصلو قبول نه ڪيو ويندو پ ٽ الف جي اڳوڻي ماليات سيڪريٽري سيد انارالدين شاھ جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي جي استادن کي رليو ڪرڻ استاد تنظيم ۾ ڏڦيڙ وجهي تنظيم کي ٽوڙڻ جي ڪوشش آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا هن چيو ته تازو پ ٽ الف اليڪشن ۾ ڌانڌلين ۽ فنڊن ۾ گهوٻين خلاف احتجاج ڪرڻ تي استادن خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن پر استاد حق سچ جي ڳالھ تان پوئتي نه هٽندا هن چيو ته استادن کي هيسائڻ ۽ انتقامي ڪاروايون بند نه ڪيون ويون ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين

Read Previous

پنوعاقل : سنڌ جي شهيد راڻي اڳوڻي پاڪستان جي عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي بوزدار هائوس تي ملهائي وئي

Read Next

نوجوانن جو ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، نوجوانن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪم ڪرڻ جون صلاحتيون موجود آهن : محمد جاويد ميمڻ

Most Popular