صدر ٽرمپ ٻيو صدام حسين ثابت ٿيو: حسن روحاني

تهران: تهران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو صدام حسين ثابت ٿيو. عالمي خابرو اداري موجب ايران جي صدر حسن روحاني پنهنجي نشري تقرير ۾ چيو ته صدام حسين 8 سال جنگ مڙهي جنهن جو انت اقتدار جي خاتمي سان ٿيو، اهڙيءَ طرح ٽرمپ به اسان تي 3 سال جنگ مڙهي ۽ اهو به ٽن هفتن کان پوءِ اقتدار کان ٻاهر ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايراني صدر حسن روحاني القدس فورس جي مقتول ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جو پلاند وٺڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو، جنرل قاسم سليماني  ۽ ايران جي حمايت يافته عراق جي شيعه مليشائن تي ٻڌل الحشدالشعبي جي ڊپٽي ڪمانڊر ابومهدي المهندس کي 3 جنوري 2020 تي بغداد هوائي اڏي تي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو هو.

Read Previous

هڪ ٻي پاڪستاني اداڪاره سادگي سان شادي ڪري ڇڏي

Read Next

تلھار ۾ ينگ گونگا ايسوسيشن پاران مسلسل احتجاج جاري

Most Popular