نوشھروفيروز: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نوشھرو فيروز جي طرفان اوٻاوڙو ۾ سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس گردي ڪري گرفتار ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشھروفيروز ( ڊ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نوشھرو فيروز جي طرفان اوٻاوڙو ۾ سنڌ سڀا جي قافلي جي نياڻين ۽ قافلي تي پوليس گردي ڪري گرفتار ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ احتجاج جي اڳواڻي خادم سيال۔ مهر وسطڙو۔ اياز راڄپر۔ سڪندر ڪلهوڙو. ارشاد راڄپر۔ احسان سيال. شعيب وسطڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شعور رکندڙ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو انهن جو ڏوھ صرف اهو آھي جو هو سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪن ٿا۔ جڏهن ته پنهنجي پيارن جي آزادي لاء پيادل لانگ مارچ ڪندڙ سنڌ جي نياڻين جي قافلي تي اوٻاوڙو پوليس پاران تشدد ڪري کنڀي تذليل ڪرڻ بعد سنڌ سڀا جي اڳواڻن تي ڀٽ شاھ ٿاڻي تي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي ٿي جنهنجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان گهر ڪئي ته سنڌ جي نياڻين مٿان پوليس پاران ڪيل تشدد جو نوٽيس وٺي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فورن آزاد ڪيو وڃي

Read Previous

قاضي احمد : سنڌ سڀاء جو پرامن پيادل قافلي مٿان اوٻاوڙي جي ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي پاران نياڻين سان ڪيل تشدد خلاف نوجوان اتحاد فورم پاران احتجاج ڪيو ويو

Read Next

شھري اتحاد سجاول جي وفد جي ڊپٽي ڪمشنر سجاول،ايس ايس پي سجاول سان ملاقات شھر جي مسئلن تي تفصيلي ڳاله ٻوله ضلعي سجاول جا مسئلا حل ڪرڻ ضلعي مان منشيات جي خاتمي ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي تي اتفاق

Most Popular