مٽياري : اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي اسٽاف سان گڏ شهر جي مختلف پاڙن ۽ گهٽين جو دورو

اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي اسٽاف سان گڏ شهر جي مختلف پاڙن ۽ گهٽين جو دورو ڪري ٽائون انتطاميه کي صفائي سٿرائي ، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ڊرينج سسٽم جي صفائي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي هدايتون جاري ڪيو. ايڊمنسٽريٽر عبدالمجيد زهراڻي ٽائون انتظاميه کي هدايتون ڏيندي چيو ته شهرين کي صفائيءَ جون بهترين سهولتون ڏيڻ انهن جو بنيادي حق آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي غفلت، سستي ۽ لاپرواهي کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀ پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڪن ۽ لاپرواهي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته شهر واسين جي تعاون سان شهر کي صاف سٿرو رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ صفائي جي عملي کي پڻ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهي پنهنجي ڊيوٽي پابندي سان ڪن. هن چيو ته ٽائون ڪميٽي مٽياري ۾ عوام جي سهولت لاءِ ڪمپلين سيل جوڙيو ويو آهي جتي شهري پنهنجون شڪايتون درج ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته شهر جي ستن ئي وارڊ ۾ صفائي سٿرائي جي حوالي سان انچارج مقرر ٿيل آهن جيڪي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ صفائي جي ڪم کي مانيٽر ڪري رهيا آهن. ايڊمنسٽريٽر عبدالمجيد زهراڻي ٽائون ڪميٽي مٽياري پاران هلندڙ ترقياتي ڪمن جو پڻ جائزو ورتو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي محفوظ جماڻي ، عابد حسين، قاضي خيرالبشر، دلشاد صبح پوٽو، ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

Read Previous

شھري اتحاد سجاول جي وفد جي ڊپٽي ڪمشنر سجاول،ايس ايس پي سجاول سان ملاقات شھر جي مسئلن تي تفصيلي ڳاله ٻوله ضلعي سجاول جا مسئلا حل ڪرڻ ضلعي مان منشيات جي خاتمي ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي تي اتفاق

Read Next

تلھار ۾ تحفظ لا۽ پريمي جوڙي جو احتجاج،ڳوٺ بخشو نظاماڻي جا رھواسي پريمي جوڙي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

Most Popular