تلھار ۾ تحفظ لا۽ پريمي جوڙي جو احتجاج،ڳوٺ بخشو نظاماڻي جا رھواسي پريمي جوڙي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

تلھار ۾ تحفظ لا۽ پريمي جوڙي جو احتجاج،ڳوٺ بخشو نظاماڻي جا رھواسي پريمي جوڙي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو،،،مون پنھجي رضا خوشي سان اختيار پٽ نيڪ محمد نظاماڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو ته مائٽ جان جا ويري ٿي ويا آھن،زندگين کي خطرو آھي تحفظ ڏياريو وڃي سويرا نظاماڻي جو عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين آڏو بيان،،،15 ڊسمبر تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج جسٽس آف پيس ھالا ۾ اسان جو بيان پڻ ٿيو پندرھن ڏينھن کان اسان ٻئي دربدري واري زندگي گذاري رھيا آھيون جڏھن ته اختيار نظاماڻي صحافين کي ٻڌايو ته اسان ٻئي ھڪ ٻي کي پسنڌ ڪندا ھئاسين ڪافي ڀيرا سويرا جي مائٽن ڏانھن رشتي لا۽ به گھرڀاتي اماڻياسين پر سويرا جا گھر ڀاتي راضي نه ٿيا جنھن جي ڪري اھڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿياسين اسان ٻنھي پنھجي رضامنڌي سان پيار جو پرڻو پڻ ڪيو آھي ته عزيز مٽ مائٽ ڪاوڙجي جان جا ويري ٿي ويا آھن اسانکي جان جو خطرو پن آھي اسان ڊي آئي جي حيدراباد ايس ايس پي بدين ۽ ايس ايڇ او راڄوخاناڻي کي اپيل ڪيون ٿا ته اسانکي تحفظ ڏياري اسانجون زندگيون بچايون وڃن

Read Previous

مٽياري : اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي اسٽاف سان گڏ شهر جي مختلف پاڙن ۽ گهٽين جو دورو

Read Next

نوشھروفيروز : ڪلهوڙا اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ شير محمد ابڙو ۾ پلاٽ جي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺاڻي بخشل ابڙو کي قتل ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو

Most Popular