حڪومت پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:   وزيراعظم عمران خان اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) کي اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ اليڪشن ڪميشن جي سامهون پي ڊي ايم جي احتجاج جي معاملي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا. وزيراعظم پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جي اجازت ڏيندي چيو ته ڪنهن کي شوق آهي ته هو پنهنجو شوق پورو ڪن. احتجاج ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه وڌي وڃي پر ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت هرگز نه ڏينداسين.  واضح رهي ته پي ڊي ايم 19 جنوري تي اڱاري تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون ڌرڻي ۽ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جي احتجاج جي حوالي سان لائحه عمل تيار ڪرڻ جي لاءِ سڀاڻي اهم اجلاس به طلب ڪيو آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي سميت ٻيا معاملا غور هيٺ ايندا.

Read Previous

سکر : پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ وارو ڪيس اليڪشن ڪميشن تي داغ آهي، ڪيس تي اسٽي وٺڻ مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي

Read Next

سپريم ڪورٽ ٻن هفتن ۾ ڪرڪ مندر جي ٻيهر تعمير شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular