ڪورونا وگهي وڌيڪ 59 فوتگيون، هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:   ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران 59 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 35 هزار 073 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 68 لک 84 هزار 940 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 947 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.  اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 90 هزار 476 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 19 هزار 452، پنجاب ۾ هڪ لک 41 هزار 303، خيبرپختونخواهه ۾ 59 هزار 729، اسلام آباد ۾ 38 هزار 393، بلوچستان ۾ 18 هزار 254، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 383 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 870 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.  سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 707 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 59 فوتگيون ٿيون آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 10 هزار 409 ٿي ويو آهي.  اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 903 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب مريضن جو انگ 4 لک 44 هزار 360  ٿي ويو آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ ٻن هفتن ۾ ڪرڪ مندر جي ٻيهر تعمير شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي: وزيراعظم

Most Popular