(ن) ليگ اڳواڻ خواجه آصف جاچ دوران سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کان نيب جي جاچ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. نيب جي دستاويزن موجب خواجه آصف جي بي ناميدارن جا 48 اڪائونٽس آهن، 48 اڪائونٽن مان 11 ڪروڙ 31 لک 50 هزار روپيه جمع ٿيا. بي ناميدارن جي اڪائونٽن مان 4 ڪروڙ 70 لک روپين جي رقم ڪڍرائي به وئي. بي نامي طارق مير اينڊ ڪمپني ۾ 2009 کان 18 تائين ڪروڙين روپين جمع ۽ ڪڍرايا ويا. خواجه آصف جي بي نامي ڪمپني ۾ 50 ڪروڙ 70 لک روپين جي رقم جمع ٿيڻ جون  شاهديون مليون آهن. بي نامي ڪمپني کان 10 سالن جي دوران 41 ڪروڙ 90 لک روپين جي رقم ڪڍرائي وئي.

Read Previous

اسرائيل وڃڻ کان انڪار تي عرب اماراتي ايئرلائن جو پائليٽ معطل

Read Next

شاهد خاقان عباسي پاران وزيراعظم کي براڊ شيٽ فيصلو عوام آڏو آڻڻ جو چيلنج

Most Popular