عمران خان کي آڻڻ لاءِ يهودين پندرنهن سال محنت ڪئي: فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان الزام هنيو آهي ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي ۽ ان کي آڻڻ جي لاءِ يهودين 15 سال محنت ڪئي آهي.

رات دير سان جامعه انوارالعلوم مهران ٽائون ڪورنگي ۾ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي مجلس شوريٰ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فصل الرحمان چيو ته اسان آئين جو حلف کنيو آهي ۽ بي خوف ٿي اڳيان وڌندا آهيون.

هن چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي سپلائي لائن کي روڪي ثابت ڪيو ته اسان محب وطن پاڪستاني آهيون. اسان مدرسن جي شاگردن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪري رهيا آهيون ته هي ماڻهو پريشان آهن ۽ منع ڪري رهيا آهن.

Read Previous

فارين فنڊنگ ڪيس ٻيو پاناما هوندو، مريم نواز جون وڌيڪ ملڪيتون سامهون اينديون: شيخ رشيد

Read Next

گوجرانوالا ۾ نامعلوم جوابدارن ماءُ سميت چئن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular