هاڻ والدين يو ٽيوب تي ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکي سگهندا

گذريل سال ڪورونا وبا جي دوران سموري دنيا ۾ خاص طور تي ٻارن جي وڏي انگ يو ٽيوب جو رخ ڪري ورتو هو جتي هنن تعليمي، تفريحي ۽ ٻين وڊيوز  مان فائدو ورتو. پر ان سان گڏ ئي والدين اها به شڪايت ڪئي آهي ته انهن جا ٻار اهڙيون وڊيوز به ڏسندا آهن جيڪي هنن جي لاءِ مناسب نه هونديون آهن.

  ان ٻارن جي حوالي سان يو ٽيوب ڪڊز جي ايپ به موجود آهي پر ٻار وڏا ٿيندي ئي پاڻ يو ٽيوبر بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جي دلچسپي جو دائرو وڌيڪ ٿي ويندو آهي. هاڻ ان حوالي سان به هر وڊيو انهن جي لاءِ مناسب ناهي هوندي ان ڪمي کي نظر ۾ رکندي يو ٽيوب انتظاميه  نوان آپشن پيش ڪيا آهن. ان نئين آپشن جي بدولت پاڻ والدين به پنهنجي ٻارن جي يو ٽيوب سرگرمين سان جڙي انهن تي نظر رکي سگهن ٿا.

Read Previous

آمريڪي پارليامينٽ تي هڪ دفعو ٻيهر حملي جو خدشو

Read Next

ناجائز اڏاوتن خلاف آپريشن، ڪيترائي گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ

Most Popular