حڪومت ملڪ لاءِ ڪينسر بڻجي چڪي آهي: مريم نواز

مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪينسر جي مريضن لاءِ مفت دوائون بند ڪرڻ بابت پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته حڪومت پاڻ پاڪستان لاءِ ڪينسر بڻجي چڪي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته ڪينسر جي مريضن لاءِ مفت دوا ان حڪومت بند ڪئي جيڪا پاڻ پاڪستان لاءِ ڪينسر بڻجي چڪي آهي.

هن چيو ته ڪينسر جي مفت علاج جي نالي تي چندو گڏ ڪندڙ عصرن اقتدار ۾ اچي ڪينسر جي مريضن کان سرڪاري علاج جو حق به کسي ورتو.

واضح رهي ته اڄ ٻيپهريءَ جو لاهور ۾ ڪينسر جي مريضن دوائن جي فراهمي بند ڪرڻ تي ڪلمه چوڪ ميٽرو اسٽيشن بند ڪري ڇڏي هئي.

Read Previous

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ: مولانا ۽ مريم نواز جو حڪومت تي هارس ٽريڊنگ جو الزام

Read Next

اسٽبلشمينٽ اڻ ڌري رهندي ته چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن آئون کٽي ويندس: گيلاني

Most Popular