اسلام آباد جو موسم خراب: يوم پاڪستان پريڊ ٽيويهه بدران پنجويهه مارچ تي ٿيندي: آءِ ايس پي آر

آءِ ايس پي آر موجب خراب موسم جي اڳڪٿي سبب يوم پاڪستان جي تقريب کي ملتوي  ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب 23 مارچ تي ٿيندڙ يوم پاڪستان جي تقريب کي  ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي جيڪا هاڻ 25 مارچ جي ڏينهن منعقد ڪئي ويندي. ياد رهي ته اهو ڏينهن تاريخي قرارداد لاهور جي منظوري جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي جنهن  ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي مقصد کي  حقيقت جو روپ ڏين لاءِ لائحه عمل فراهم ڪيو.

ڪروونا وائرس وبا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي ان ڏينهن جي حوالي سان منعقد سمورين تقريبن ۾ قائدن ۽ ضابطن جي پاسداري کي يقيني بنايو ويندو. ان ڏينهن جي مک تقريب پريڊ ايونيو اسلام آباد ۾ شاندار فوجي پريڊ ٿيندي جتي هٿياربند فوج مارچ پاس ڪندي ۽ جنگي جهاز فضائي ڪرتب ڏيکاريندا.

Read Previous

ايف آءِ اي کي قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

Read Next

جسٽس فائز جي گهر واري سرينا عيسيٰ جي فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست

Most Popular