جسٽس فائز جي گهر واري سرينا عيسيٰ جي فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

فواد چوڌري ٻه ڏينهن اڳ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حوالي سان ٽوئٽ ڪيو هو جنهن تي ان جي خلاف توهين عدالت جي درخواست جسٽس قاضي فائز جي گهر واري داخل ڪئي.

گذريل ڏينهن وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي تنقيد جو نشانو بنايو هو.

هن ٽوئٽ ڪندي چيو هو ته هڪ هفتي کان سپريم ڪورٽ جي هڪ انڊر ٽرائل جج جون تقريرون ٻڌي رهيا آهيون. جيڪڏهن جواب ڏنو ته توهين ٿي وئي جا راڳ شروع ٿي ويندا.

Read Previous

اسلام آباد جو موسم خراب: يوم پاڪستان پريڊ ٽيويهه بدران پنجويهه مارچ تي ٿيندي: آءِ ايس پي آر

Read Next

ڪورونا وائرس: اين سي او سي پابندين ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular