مشهور گلوڪار شوڪت علي لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان جو مشهور فوڪ گلوڪار شوڪت علي لاڏاڻو ڪري ويو. گلوڪار شوڪت علي سي ايم ايڇ ۾ علاج هيٺ هو ان جي لاڏاڻي جي تصديق سندس گهر ڀاتين ڪئي آهي.

ياد رهي ته گلوڪار شوڪت علي جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ ان جي پٽ عمران شوڪت مداحن کان پنهنجي والد جي صحتيابي جي لاءِ دعا جي به اپيل ڪئي هئي.

شوڪت علي پنجاب جي ضلعي گجرات جي فنڪار گهراڻي  ۾ پيدا ٿيو ۽ هن پنهنجي فني سفر جي شروعات فلمي گيتن مان 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيو هو ۽ شوڪت علي جو غزل، گيت، قومي ترانا ۽ پنجابي لوڪ گيتن ۾ منفرد مقام هو.

Read Previous

ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارت جو ليجنڊ رانديگر سچن ٽنڊوالڪر اسپتال منتقل

Read Next

تائيوان ۾ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، ايڪيتاليهه ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular