نيب جو خوراڪ کاتي پنجاب جي آفيس تي ڇاپو، کنڊ برآمد جو رڪارڊ ضبط

نيب اسلام آباد پنجاب جي خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپو هنيو آهي.

ذريعن موجب نيب اسلام آباد جي ٽيم خوراڪ کاتي جي آفيس مان کنڊ جي برآمد جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب خوراڪ کاتي کان کنڊ جي ٽن سالن جي برآمد جو رڪارڊ طلب ڪيو هو ۽ ان سلسلي ۾ نيب جي گڏيل جاچ ٽيم انڪوائري ڪري رهي آهي، خوراڪ کاتي نيب جي رڪارڊ طلبي تي رڪارڊ جي فراهمي ۾ سستي کان ڪم ورتو.

ذريعن موجب نيب شگر ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين سڪندر ايم خان کي به طلب ڪري چڪو آهي ۽ هو گذريل مهيني نيب اسلام آباد ۾ پيش ٿيو هو.

Read Previous

وفاق ٽن سالن ۾ صوبن کي ڏنو ڇا آهي؟ مراد علي شاهه

Read Next

گيلاني سينيٽ چونڊن بابت عدالتي فيصلي تي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

Most Popular