ڀنڊار ٻيٽ بابت سنڌ حڪومت سان ڳالهائي رهيا آهيون: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن ۾ بدقسمتي سان اهڙا قرض ورتا ويا آهن، جن سان وڌيڪ قرض چڙهي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بئنڪن کي ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت نه هئي ۽ بئنڪن کان ننڍا قرض حاصل ڪرڻ ۾ ماڻهن کي هاڻ به ڏکيائيون آهن.

هن چيو ته ايف ڊبليو او ڪرتارپور رڪارڊ ٽائم ۾ مڪمل ڪيو هو ۽ اميد آهي ته فراش ٽائون جا فليٽ به وقت تي مڪمل ٿيندا، 2 هزار اهڙن ماڻهن کي فليٽ ملندا، جيڪي فليٽ جو سوچي به نه سگهندا هئا، ڇو ته ماڻهن وٽ پئسو ناهي هوندو، تنهن ڪري ڪچي آبادي ٺهي ويندي آهي پر منهنجو خواب آهي ته ڪچي آبادي وارن وٽ مالڪاڻا حق اچي وڃن.

سندس چوڻ هو ته ن ليگ اڍائي سالن ۾ 20 هزار ارب رپين جو قرض واپس ڪيو هو ۽ اسان پنهنجي اڍائي سالن ۾ 35 هزار ارب رپين جو قرض واپس ڪيو، بدقسمتي سان اهڙا قرض ورتا ويا، جن سان وڌيڪ قرض چڙهي رهيا آهن، اسان ن ليگ کان 15 هزار ارب وڌيڪ قرض واپس ڪيو، جيڪڏهن اهو ئي پئسو ملڪ تي لڳي ها ته ملڪ بهتر ٿي وڃي ها.

وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي دولت ۾ واڌ جي ضرورت آهي، تنهن ڪري ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ دولت ۾ واڌ ٿئي ته جيئن قرض واپس ڪري سگهون، جڏهن ته نيا پاڪستان اهڙو پراجيڪٽ آهي، جنهن سان 30 انڊسٽريون ڳنڍيل آهن، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري اڄ پاڪستان ۾ رڪارڊ تي آهي، گذريل مهيني سيمينٽ جو وڪرو ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿيو، معنيٰ اسان جيڪو پيڪيج ڏنو، ماڻهو ان مان فائدو وٺي رهيا آهن.

Read Previous

گيلاني سينيٽ چونڊن بابت عدالتي فيصلي تي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

Read Next

فخر زمان ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪري ورتا

Most Popular