”وڏن تائين هٿ نه پهچڻ سبب نيب ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو“

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته نيب 23 سالن کان ڪرپشن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، پر اسان ان ڪري ڪرپشن تي ضابطو ناهيون آڻي سگهيا ڇو ته اسان رڳو ننڍن ماڻهن کي پڪڙيندا آهيون.

وزير اعظم عمران خان ڪراچي نيو ڪليئر پاور پلانٽ يونٽ ٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته پاور پلانٽ 1100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو، چين جي ڀائيواري سان هنيل پلانٽ سان نوجوانن کي ٽيڪنيڪي تربيت ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پاڪ چين سفارتي لاڳاپن کي 70 سال ٿي چڪا ۽ ٻنهي هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو.

عمران خان جو چوڻ هو ته چين ٿورڙي عرصي ۾ غربت سميت ٻين مسئلن تي ضابطو آندو، اسان هنن کان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا، ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جي حڪومت جي ترجيح آهي، ملڪ جي لاءِ ڪلين انرجي گهڻي ضروري آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پاڪستان جي درياهن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشئرز مان ايندو آهي، گلوبل وارمنگ ۾ اهڙا منصوبا ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن، سي پيڪ گيم چينجر آهي، زرعي شعبي ۾ به چين کان مدد وٺي رهيا آهيون.

Read Previous

چمن ۾ جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت

Read Next

پنجاب: ڪورونا کي نظر ۾ رکندي سپر الرٽ جي منظوري

Most Popular