ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.02 سيڪڙو وڃي بچي

پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اڄ به گهٽتائي ٿي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.02 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪيل 49 هزار 285 ٽيسٽن مان 1490 جو نتيجو هاڪاري آيو، اها هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.02 سيڪڙو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي مجموعي ڪيسن جو انگ 9 لک 33 هزار 630 ٿي ويو آهي، جن مان 8 لک 64 هزار 931 صحتياب ٿي چڪا آهن.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 58 فوتگيون پڻ سامهون آيون، ائين هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 21 هزار 323 ٿي ويو آهي.

Read Previous

جسقم چيئرمين صنعان قريشي گرفتار، مختلف شهرن ۾ احتجاج

Read Next

ريلوي سيفٽي جي خرابين جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي: وزيراعظم

Most Popular