سنڌ ۾ به ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙن جون سِمون بند ڪيون وينديون

سنڌ حڪومت به ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙن جون موبائل سمون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ ويڪسينيشن سينٽر جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪو ويڪسين نه لڳرائيندو، ان جي موبائل فون سم بند ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ويڪسين لڳرائڻ سان گڏ احتياط ڪرڻ جي به ضرورت اهي، جڏهن ته فائزر ويڪسين ٻاهرين ملڪ ويندڙن کي لڳائي پئي وڃي.

واضح رهي ته ان کان اڳ پنجاب حڪومت به ويڪسين نه لڳرائيندڙن جو موبائل سمون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار مقرر

Read Next

وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي زمينون کپائڻ جا منصوبا جوڙي رهي آهي: سپريم ڪورٽ

Most Popular