امن چاهيون ٿا، طالبان سان ڪو واسطو ناهي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان رڳو افغانستان ۾ امن امان چاهيون ٿا، طالبان سان اسان جو ڪو واسطو ناهي.

افغان صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شروع کان وٺي اسانجو اهو ئي موقف رهيو آهي ته افغان مسئلي جو حل عسڪري ناهي.

دنيا جي عظيم فوجي اتحاد نيٽو کي ڏيڍ لک فوجين سميت افغانستان ۾ ناڪامي ملي، چٽي ريت چئي چڪا آهيون ته اسان فوجي ڪارواين جي حمايت ۾ ناهيون، آمريڪا اسان تي دٻاءُ وجهندو رهيو ته اتر وزيرستان ۾ طالبان جا ٺڪاڻا موجود آهن، آخرڪار اسان ڪارروائي ڪئي ۽ ڏهه لک ماڻهو اتر وزيرستان مان بي گهر ٿي ويا.

اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته افغانستان کي ٻاهران ويهي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، افغانين جي تاريخ رهي آهي ته اهي سدائين آزادي پسند رهيا آهن.

Read Previous

”پارٽي تياريون ڪري ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون“

Read Next

”وفاقي ڪابينا جا 44 سيڪڙو ميمبر اڻ چونڊيل آهن“

Most Popular