محمد حفيظ ۽ پي سي بي آفيسرن ۾ سرد جنگ

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ۽ پي سي بي جي آفيسرن وچ ۾ سرد جنگ ان وقت نئون موڙ اختيار ڪيو جڏهن چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان ۽ ڊاريڪٽر انٽرنيشنل ذاڪر خان ان جي لڳاتار مرضي باوجود سندس ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو ته هو ڪريبين پريميئر ليگ فائنل تائين ايونٽ کيڏڻ جي برعسڪ 12 سيپٽمبر تي نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز جي لاءِ پاڪستان پهچي.

اطلاعن موجب 40 سالن جي محمد حفيظ جو ڪريبين پريميئر ليگ ۾ گيانا ايمزون واريئر لاءِ کيڏي رهيو هو، هاڻي آچر ڏهاڙي 12 سيپٽمبر تي لاهور پهچي رهيو آهي.

لاهور جي لاءِ 55 ٽيسٽ 218 ون ڊي ۽ 113 ٽي 20 کيڏندڙ محمد حفيظ ڪريبين ليگ جي 8 ميچن ۾ گيانا لاءِ 179 رنسون ٺاهڻ سان گڏ پنج وڪيٽن جي پرفارمنس به پيش ڪئي.

Read Previous

سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو: نائن اليون انڪوائري ڪميشن جو سربراهه

Read Next

فهد مصطفيٰ جو پيءُ لاءِ محبت ڀريو پيغام

Most Popular