وفاقي حڪومت صحافين لاءِ پارليامينٽ جا دَر بند ڪري ڇڏيا

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري کي بند ڪيو.

صحافين کي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري ۾ داخلا کان روڪيو ويو، جنهن تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو باڊي سخت احتجاج ڪيو.

پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پارليامينٽ جي گيٽ نمبر هڪ تي ڌرڻو هڻندي چيو ته پارليامينٽ ڪور ڪندڙ صحافين کي پريس گيلري جا ڪارڊ جاري نه ڪيا ويا، صحافين بدران ٻين ماڻهن کي پريس گيلري جا ڪارڊ جاري ڪيا ويا ۽ صحافين کي اهم ڪوريج کان روڪيو ويو آهي.

هوڏانهن پارليامينٽ هائوس جو مک دَر سيل ڪيو ويو ۽ مهمانن جي اچ وڃ لاءِ وزيراعظم هائوس وارو رستو استعمال ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

فهد مصطفيٰ جو پيءُ لاءِ محبت ڀريو پيغام

Read Next

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر جي خطاب دوران اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

Most Popular