منال خان جي شادي واري جوڙي تي گهڻن ماڻهن محنت ڪئي؟

تازو ئي اداڪار احسن محنس اڪرام سان شادي جي ٻنڌڻن ٻڌجندڙ اداڪارا منال خان لکين رپين جو جوڙو پهريو.

ان حوالي سان اهي خبرون اچي ويون آهن ته منال خان جي ان جوڙي کي تيار ڪرڻ لاءِ 55 ماڻهن محنت ڪئي آهي.

منال خان جي شادي وارو جوڙو تيار ڪندڙ ڊيزائنر انس ابرار پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته منال خان جي جوڙي جي تياري ۾ 55 ماڻهن جي محنت آهي.

هن اهو لباس تيار ڪرڻ جي هڪ تصوير به شيئر ڪئي جنهن ۾ اتي موجود ماڻهن کي وڏي احتياط سان ان جوڙي تي ڪم ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

انس ابرار جي اسٽوري کي منال خان به پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيو.

ان کان اڳ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته منال خان جي شادي واري جوڙي جي قيمت 6 لک 45 هزار رپيا آهي.

Read Previous

گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي: شوڪت ترين عوام کي سُٺي خبر ٻڌائي ڇڏي

Read Next

اتر ڪوريا جو نئون ڪروز ميزائل تجربو

Most Popular