وفاقي حڪومت جي سنڌ جي ماڻهن سان زيادتين خلاف پ پ جي سوين ڪارڪنن طرفان جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

خيرپور (ڊر) وفاقي حڪومت جي سنڌ جي ماڻهن سان زيادتين خلاف پ پ جي سوين ڪارڪنن طرفان جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ايم پي اي غزاله سيال، مشتاق حسين ڦلپوٽو، سيد مدد علي شاه، سيد پرويز علي شاه، علي شير مڪول، عتيق ڦلپوٽو، زاهد ڳنڀير، جمن سهتو،محمد عاقل سمنگ، عرس ابڙو، منير منگي ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، سنڌ جو پاڻي، گئس، بجلي بند ڪري هزارين ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان اڳ ملڪ ۾ ايتري مهانگائي بيروزگاري نه هئي جيتري اڄ آهي غريب ماڻهو ٻه وقت ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت نه ٿو هلائي سگهي ته فوري طور تي استعفيٰ ڏيئي عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏي،

Read Previous

سجاول شھر ۾ تمام وڏي انساني آبادي رکندڙ وارڊ نمبر 8 ۽ 9 ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي ٽرانسفارمرن جو مسئلو حل نہ ٿيڻ ڪري بجلي بند

Read Next

ڪهڙا کاڌا ڊپريشن گهٽائي سگهن ٿا؟

Most Popular