ماهرا خان ۽ مان 2 لونڊا آهيون: ڪبريٰ خان

پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان پنهنجو پاڻ ۽ هر دلعزيز ماهرا خان کي لونڊو قرار ڏنو آهي.

ڪبريٰ خان تازو هڪ ويب شو جي ميزبان کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته ”هڪ ڀيري ماهرا خان پنهنجو پاڻ کي ۽ مونکي ڳَڙو (ٿڪل، ڪم ڪار کان لنوائيندڙ) قرار ڏنو ۽ اهي لفظ ئي اسان ٻنهي جي صحيح تعريف بڻجن ٿا.

ڪبريٰ خان چيو ته مان ۽ ماهرا خان صفا ڇوڪرن وانگر آهيون، سيٽ تي ٽي شرٽ ۽ پاجامو ڪڏهن ڪڏهن مرداڻو ڪڙتو پهري وينديون آهيون، ڊرامي جي سين تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، ماني گهرائي کائينديون هيون سين ۽ انجواءِ ڪنديون هيون سين.

Read Previous

عالمي طاقتن سان جوهري ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ واريون آهن: ايران

Read Next

سڪرنڊ شگرمل مان ٽن سالن کان جبري طور برطرف ڪيل ملازمن پريس ڪلب قاضي احمد آڏو برطرف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

Most Popular