”شريف ۽ زرداري فيملي ملڪ جو پئسو ٻاهر کڻي وئي، اسان اربين ڊالر قرض واپس ڪيو “

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جنهن معاملي کي کڻندا آهيون، ان جي هيٺان ڪرپشن جا جبل بيٺا هوندا آهن.

اسلام آباد ۾ مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ان کان انڪار ناهي ته موٽر ويز ۽ روڊن سان ئي ترقي ٿيندي آهي، عمران خان موٽر ويز جي نه پر انهن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي خلاف هو، شريف خاندان روڊن کي وڏو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو، لاهور اسلام آباد موٽر وي 60 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهيو ويو، اها رقم ٻاهران قرضن جي صورت ۾ اچي رهي هئي.

هن چيو ته موٽر وي جي رڳو وياج جي رقم 2 ارب ڊالر ڏني وئي، جڏهن موٽر وي ٺهي رهيو هو ته نواز شريف فيملي ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽ خريد ڪري رهي هئي، اهو پئسو ڪٿان اچي رهيو هو؟ پاڪستان جي نالي تي قرض ورتو ويو.

سندس چوڻ هو ته شريف ۽ زرداري فيملي پئسو پاڪستان مان ورتو ۽ کڻي ٻاهر ويا، انهن جا اڃا تائين فرانس ۽ لنڊن ۾ اربين رپيا لڪايل آهن، 10 سالن ۾ شريف ۽ زرداري خاندان ملڪ جو قرض ٻيڻو ڪري ڇڏيو، اسان ٽن سالن ۾ 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو آهي، جڏهن ته هن وقت به پاڪستان تي قرضن جا جبل موجود آهن.

فواد چوڌري موجب عمران خان چئي ٿو اسان مافيا سان مقابلو ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن سان قومون تباهه ٿي وينديون آهن، جنهن معاملي کي کڻون، ان جي هيٺان ڪرپشن جا جبل هوندا آهن.

ان موقعي تي مراد سعيد چيو ته گذريل 10 سالن پاڪستان جي تاريخ جو اونداهو ترين ڏهاڪو هو، نواز شريف پنهنجي دور ۾ موصلات واري وزارت پاڻ وٽ رکي هئي، عمران خان قرض وٺي موٽر وي جي خلاف هو ۽ آهي، اسان هڪ موٽر وي به قرض وٺي نه ٺاهيو.

Read Previous

2023 ۾ تحريڪ انصاف کي دفن ڪري ڇڏينداسين: شهباز شريف

Read Next

ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، ڪو هڪ وِک کڻندو ته اسان ٻه وِکون وڌائينداسين: افغان پرڏيهي وزير

Most Popular